اسير امتياز

اسير امتياز

اسير امتياز

اسير امتياز: شاعر، ڪالم نويس، ناول نويس ۽ تنقيد نگار اسير امتياز جو پورو نالو امتياز علي ولد الاهي بخش برهماڻي آهي، سندس جنم 29 مارچ 1987ع تي ڳوٺ دودو برهماڻي، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم اي (سنڌي) آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’نگاهون شام جو منظر‘ (شاعري: 2008ع)، ’بيقراريءَ جو سمنڊ‘ (شاعراڻو نثر: 2009ع)، ’بند اکيون آوارا سپنا‘ (شاعري: 2012ع)، ’ڪاوا ڪاوا واٽ‘ (تنقيدي ڪالم: 2014ع، ’شاعريءَ جي مفلسي‘ (تنقيدي ڪالم: 2019ع) ۽ ’پريتم‘ (ناول: 2022ع) شامل آهن. 2021ع کان، ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ادبي رسالي ’چانڊوڪي‘ جا 14 پرچا پڌرا ڪري چڪو آهي.


لفظ اسير امتيازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.03.29  عيسوي

اسير امتياز جو پورو نالو امتياز علي ولد الاهي بخش برهماڻي آهي، سندس جنم 29 مارچ 1987ع تي ڳوٺ دودو برهماڻي، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه غلام حسين ملنگ
اصغر سيتائي
ڀڳوان فتح چند ڀاوناڻي
شهمير سومرو
ميان قائم الدين فقير شر
سلطان شاهه:
خليفو نبي بخش لغاري
بشير احمد بشير
فقير شير خان جتوئي شائق
امر پيرزادو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون